عبدالله خان جيسر

عبدالله خان جيسر

جيسرعبدالله خان

جيسر، عبدالله خان: مشهور سماجي ورڪر، اديب ۽ وڪيل، عبدالله خان ولد محمد صفر جيسر جو جنم، 1 اپريل 1946ع تي ڳوٺ لليا پتڻ، ضلعي نوشهري فيروز ۾ ٿيو. هن شروعاتي تعليم پنهنجي ڳوٺ مان ورتي ۽ سنڌي فائنل جو امتحان نوشهري فيروز مان پاس ڪيو، جنهن ۾ هن سنڌ ۾ پهرين پوزيشن ماڻي. بعد ۾ عبدالله خان گورنمينٽ مهراڻ ڪاليج موري مان بي. اي جو امتحان ڏنو ۽ 1969ع ۾ سنڌ يونيورسٽي ڄام شوري مان ايم. اي (سياسيات) جي ڊگري ورتي. بعد ۾ سنڌ لا ڪاليج حيدرآباد مان ايل. ايل. بي جو امتحان پاس ڪيائين. هن وقت موري جو ناميارو وڪيل آهي ۽ زمينداريءَ جي ڪِرت سان وابسته آهي.عبدالله خان جيسر شاعر ۽ مضمون نگار هئڻ سان گڏ سنڌ جي ٻهراڙيءَ واري نج ٻوليءَ تي مهارت رکي ٿو. کيس لغت ۽ تاريخ جي مضمونن سان گهڻو لڳاءُ آهي. پنهنجي ڳوٺ ۾ پنهنجي شهيد ڀاءُ جي نالي سان ’نور محمد جيسر لائبريري‘ قائم ڪئي اٿس، جنهن ۾ هند ۽ سنڌ ۾ ڇپيل 20 هزارن کان مٿي ڪتاب ۽ وڏي تعداد ۾ آڊيو ويوئل رڪارڊ موجود آهي. کيس ننڍپڻ کان ئي لکڻ، ملهه وڙهڻ ۽ ڪوڏي ڪوڏي راند سان دلچسپي رهي. شاگرد سياست ۾ به سرگرم رهيو. جڏهن ته سنڌ گريجوئيٽس ايسوسيئيشن سان شروعاتي دؤر کان وابسته رهيو آهي، هيءُ سنڌي ادبي سنگت موري جو بنيادي ميمبر، استاد بخاري اڪيڊمي دادو ۽ گل حيات انسٽيٽيوٽ ڏوڪريءَ جي بورڊ آف گورنرس جو ميمبر هئڻ سان گڏ ورلڊ سنڌي ڪانگريس ضلعي دادوءَ جو آرگنائيزر رهي چڪو آهي. ماضيءَ ۾ ضلعي ڪائونسل نوابشاهه ۽ نوشهري فيروز جو ميمبر به رهيو آهي. عبدالله جيسر ڪيترا تاريخي ۽ تحقيقي مضمون لکيا آهن. ’نوشهري جا پتڻ‘ مضمون تي ضلعي ڪائونسل طرفان 2007ع ۾ اوارڊ مليو، ان کان اڳ کيس ’مارئي سنسٿا دهليءَ‘ طرفان 2006ع ۾ مڃتا اوارڊ به ملي چڪو آهي.عبدالله خان جيسر جون تحريرون هند سنڌ جي رسالن ۽ اخبارن ۾ شايع ٿيل آهن. سنڌي لئنگئيج اٿارٽيءَ جي ’انسائيڪلوپيڊيا سنڌيانا‘ جي رٿا ۾ ابتدا کان وٺي مواد ميسر ڪرڻ ۾ سهڪار ڪندو رهيو آهي.


هن صفحي کي شيئر ڪريو